بلوچستان مسئلي جو حل پئڪيجز ۾ نه آهي، اسان هاڻي اڳتي نڪري چڪا آهيون: نواب خير بخش مري


Nawab Marri

نواب سردار نواب خيربخش مري

( 1928، February 29)…!!!

”بلوچستان جي سرزمين پنهنجي اندر مختلف مزاج رکندڙ آهي، هي ڌرتي پيار جي به آهي ته ان تي گولين جي گونج ۾ تلوارن تي ناچ به ٿين بلوچستان جي سرزمين تي ڊگهي ويڙهه هلندي پئي اچي، بلوچستان جي ڪيترن ئي نسلن پاڻ کي گولين ۽ بارود جي ڍير تي بيٺل ڏٺو آهي، ها! انهن نسلن پنهنجا خواب خوني درياهه ۾ لڙهندي ڏٺا آهن.

بلوچستان جو مسئلو حل نه ٿيڻ جا گهڻا ئي سبب آهن پر سڀ کان پهرين ڪي حڪمرانن جي غلطين ۾ غلط روين جي ڪري بلوچستان جي برف رجي نه پئي. هينئر حالتون پنهنجي مزاج کان اڳتي وڃي چڪيون آهن ۽ ان کي پٺيان ڌڪڻ ۾ اهم ڪردار جنرل مشرف جي پاليسين جو رهيو آهي. بلوچستان جي صورتحال جي حوالي سان عبرت بلوچستان جي سينيئر اڳواڻ نواب سردار نواب خيربخش مري جنهن جي عمر 82 سال آهي کان انٽرويو ورتو آهي. نواب نواب نواب خيربخش مريڊگهي عرصي کان خاموش رهيو ۽ هن جي خاموشي هميشه پريشان ڪندڙ رهي آهي. نواب نواب خيربخش مري مري قبيلي جو چيف آهي. پاڪستان جي وفاقي پارليامينٽ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ نواب خيربخش مري جي سياسي زندگي صاف شفاف رهي آهي هنن افغانستان ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري آهي. نواب نواب خيربخش مري پنهنجي موقف ۾ گهڻو سخت آهي. اسان جي گهڻي ڪوشش هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ نواب نواب نواب خيربخش مري ملاقات جو وقت ڏنو. انٽرويو دوران عبرت کي ريڪارڊنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو. پر نواب خيربخش مري صاحب ڳالهه ٻولهه دوران بهتر وقت گذريو. اسان کي ان وقت ڌچڪو لڳو جنهن وقت هن بالاچ مري جي شهادت جي حوالي سان اڻ سڌو اقرار ڪيو. يقينن اسان لاءِ اهو ٻڌڻ ڏکيو هيو. جنهن پيءُ پنهنجي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري هجي آخر ۾ اهو پنهنجي پياري پٽ جي جنازي کي ڪلهو به نه ڏئي سگهيو. انهيءَ ڪري مان ذاتي طور تي نواب خيربخش مريکي بلوچي جبل جو گوريلو چوان ته گهٽ نه ٿيندو. نواب خيربخش مري کي 6 پٽ جنهن ۾ چنگيز مري، غزن مري، هير بيار مري، شهيد بالاچ مري، همزه مري ۽ زمران مري آهن. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته بالاچ مري سان ڇا ٿيو، پر ان سان گڏوگڏ نواب خيربخش مري جو ٻيو اولاد به سياسي تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي. انٽرويو دوران مري صاحب هائوس تي ڪم ڪندڙهڪ شخص کان جڏهن مون سوال ڪريو ته بلوچستان جو ڇا ٿيندو؟ ان هلڪي مسڪراهٽ سان چيو ته وقت اچڻ تي ٻڌائينداسين. ڇا اسان جي رياست ان تلخي کي سمجهي سگهندي جيڪا سردارن ۾ ئي ناهن پر هاڻي عام بلوچ ۾ به آهي؟

—————————

عبرت: بلوچ سياست جي ميدان ۾ توهان جو ڊگهو تجربو رهيو آهي. توهان جي نظر ۾ برصغير جي سياست جي روايت يا نيچر ڪيئن آهي؟

نواب خير بخش مري: ( هلڪي مسڪراهٽ ڏيندي) سوال گهڻو وسيع آهي ۽ برصغير جي هر قدم تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي.

عبرت: توهان جي خيال ۾ اوور آل (over all) سياست ڪيئن رهي آهي؟

نواب خير بخش مري: مان بس هتان جي ماڻهن تي ڳالهائيندس، گهڻو ڪري غلام وارو رويو رهيو آهي جيئن پنجابي جن هر وقت حڪمراني ڪئي آهي ( هڪ واقعو ڪوٽ ڪندي) پنجابين لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن کي پئسو ڏيو ، سنڌين کي رعب ۾ رکو، پختون کي به پئسو ۽ بلوچين کي مٺي ڇُري سان بيوقوف ڪريو (کلندي) ايئن ٿيندو به آهي ته جيڪڏهن بلوچين کي عزت ڏني ته پوءِ هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. پنجابي کي صرف پئسو گهرجي، پختون وري ڪڏهن به چيئلنج قبول ناهي ڪري سگهندو. پهرين اهو ڪجهه تنگ ڪندو، پر جيڪڏهن توهان ان کي چيئلنج ڪيوته هو ان کي منهن نه ڏئي سگهندو. اسان گهڻو ڪري غلام ئي رکيا ويا آهيون.

عبرت: توهان گانڌي جي ۽ مسٽر جناح ۾ فرق محسوس ڪيو؟

نواب خيربخش مري: ( ٽهڪ ڏيندي) جواب سادو آهي گانڌي انسانن جو ماڻهو هو ۽ جناح انگريزن جو ماڻهو هو.

عبرت: توهان جي نظر ۾ مذهب کي سياست ۾ ڪير کڻي آيو؟ (اسان آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان پڇون پيا)

خير بخش مري: (غور سان ڏسندي) Freedom، ڇو آزادي آهي؟

عبرت: اسان ان تي به ڳالهائينداسين.

خير بخش مري: پر هي سوال گهڻو باريڪي وارو آهي ۽ مان ان ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان، (ڪجهه دير خاموش رهي) (I do not know) مون کي ڄاڻ ڪانهي ته ڪير مذهب کي سياست ۾ کڻي آيو.

عبرت: اسان انهي اڳوڻي سوال تي اينداسين ته برصغير جي آزاديءَ کي توهان ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب نواب خيربخش مري: توهان برصغير جي آزادي کي ڪيئن پيا ڏسو؟

عبرت: اسان هي توهان کان ٿا پڇڻ چاهيون؟ پر گهڻائي خيال آهن ڪي چون ٿا ته طئي ٿيل هو ۽ ڪي چون ٿا ته انهن آزادي ورتي.

نواب خيربخش مري(هلڪي مسڪراهٽ ڏيندي) آزادي جون ڪيئي تحريڪون هلي رهيون هيون. ڪٿي به پائيدار غلطي نه هئي. هندو، مسلم جهيڙو انهي ڪري ٿيو ته اهي نوڪرين ۽ اهم جڳهن تي ويٺل هئا. هينئر پاڪستان ۾ اسان سان ڇا آهي؟ هي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ انگريزن جي تابعدار هئي / آهي. منهنجي سوچ ۾ هي pre-planned هو. اهي (پنجابي) غير انساني سوچ رکندڙ ۽ پنهنجي طاقت کي ڏسن پيا. اهي انگريزن جي باريڪ بيني کي نه سمجهي سگهيا. انگريز بيوقوف نه هئا. هندستان ۾ مسئلو پنجابين کي هيو ۽ انگريزن هندستان کي ڇڏي ڏنو. هتي (پاڪستان) غلام رکيو ۽ پنجابين کي سپورٽ ڪئي وئي. اسان پنجاب جا غلام ناهيون، پر اسان عالمي قوتن جا غلام آهيون.

عبرت: ڪهڙا سبب هئا جو ڀارت پارليامينٽ جو مضبوط سسٽم حاصل ڪري ورتو ۽ پاڪستان ناڪام ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي؟

خير بخش مري: منهن تي گهنج آڻيندي. ڇا توهان پاڪستان جي پارليامينٽ کي پارليامينٽ چوندئو؟ جنهن تي اثر ئي ٻئي قوت جو هجي. اها پارليامينٽ ڪيئن ٿي سگهي پئي؟ انڊيا پنهنجي سسٽم کي سپورٽ ڪئي. انهن آزادي کي سمجهيو آهي ۽ جيڪي آزادي کي نه ٿا سمجهن اهي جانور ۽ غلام آهن. آزاديءَ ۾ قدرت جي طاقت آهي. هتي پاڪستان ۾ ته غلط سسٽم آهي.

عبرت: 70ع جي سانحي کي ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: انهن طئي ڪري ڇڏيو هو ته بنگالين کي غلام رکو يا ڇڏي ڏيو.

عبرت: آخر بنگالين وٽ ڇا هو جو انهن جلدي ۾ آزادي حاصل ڪري ورتي؟

خير بخش مري: (ڪجهه خاموش رهندي) انهن وٽ (wisdom) سمجهه هئي ۽ شايد انهن آزاديءَ تي پهرين کان ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هجي. (پنهنجي ذاتي ڳالهه شيئر ڪندي) منهنجو رشتيدار ان وقت بنگال کان ئي آيو ۽ مون کي اچي چيو ته بنگالي توکي سڃاڻين ٿا ۽ اهي چون پيا ته هي صاف سٿري سياست ڪندڙ ماڻهو آهي. توهان (عبرت) شروعات ۾ ڳالهه ڪئي جنرل ٽڪا جي حوالي سان) يقينن هتان جي طاقت بلوچستان ۽ سنڌ ۾ مارچ ڪري سگهي ٿي، پر هي بنگالين تائين مارچ نه پئي ڪري سگهيا ۽ بنگالين کي انڊيا جي به ٿي وئي ته انڊيا انهن جي وچ ۾ پئي پيو. ڪجهه حالتون به ائين ئي هيون جو بنگالين جي سپورٽ ۾ هليون ويون. پر ان کان پهرين هتان جي اسٽيبلشمينٽ موڊ ۾ نه هئي ته اهي بنگالين کي برداشت ڪن، ڇاڪاڻ جو اهي گهڻو اڳتي هئا انهن وٽ سڀ ڪجهه هو. هنن چاهيو ته بنگالين کي غلام رکو يا ڇڏي ڏيو ۽ جڏهن اهي کين غلام رکي نه سگهيا ته انهن بنگالين کي ڇڏي ڏنو.

عبرت: اسٽيبلشمينٽ جو سياست ۾ ڪردار ڪڏهن کان شروع ٿئي ٿو؟ جڏهن ته 1948ع ۾ ئي آپريشن جي ذريعي ئي بلوچستان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.

نواب خير بخش مري: انهن جو ڪردار پهرين ڏينهن کان رهيو آهي. اهي پيدائي انهي ڪري ڪيا ويا آهن ته ٻين کي غلام رکن ۽ انهن پنهنجو ڪڏهن به ماسٽر تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ انهن کي تيار به انهي لاءِ ڪيو ويو ته ٻين جي مٿان حڪمراني ڪن.

عبرت: ماسٽر مان ڪهڙو مطلب؟

نواب خير بخش مري: عالمي قوتون يعني انگريز ۽ آمريڪن.

عبرت: بلوچستان کي اوهان ڪيئن پيا ڏسو؟

خير بخش مري: (هن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي ۽ خوش ٿيندي چيو ته،) مان بلوچستان کي ڪيئن پيو ڏسان؟ هڪ حسين، خوبصورت ڌرتي جتي پيار آهي ۽ جتي ڌنار پنهنجون ٻڪريون چاري گيت ڳائين ٿا. جنهن جا جبل خوبصورت ۽ هوائن جي خوشبو … (هو ان دوران خاموش ٿي ويو) (آهستي ڳالهائيندي) منهنجي لاءِ بلوچستان خوبصورت ۽ حسين آهي.

عبرت: ڇا بلوچستان ٻري رهيو آهي؟

نواب خير بخش مري: (زور ڏيندي چيو ته) هي سوال ٿيو، ها! بلڪل بلوچستان ٻري رهيو آهي.

عبرت: بلوچستان جي اهڙي تڪليف جو ذميوار ڪير آهي؟

نواب خير بخش مري: ان جي ذميواري عالمي قوتن تي عائد پئي ٿئي ۽ هي (پاڪستان) انهن جو سب آرڊينٽ آهي. اهي گناهگار آهن. آمريڪن انهن جي سپورٽ پيو ڪري جنهن ڪري انهن اسان جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي.

عبرت: هي عجيب ناهي ته هينئر توهان عالمي قوت کي ذميوار قرار ڏيئي رهيا آهيو، پر عوام ۾ توهان اسٽيبلشمينٽ جي خلاف هوندا آهيو.

نواب خير بخش مري: توهان جو نالو ڏکيو آهي، ڇا مان توهان کي ڪامريڊ چوان؟ (وينگس: بلڪل)

نواب خيربخش مري ڳالهه کي اڳتي ڪندي ته ها! شايد ائين هجي پر هتان جي اسٽيبلشمينٽ انهن جي نمائندگي ڪندڙ آهي. جيڪو اسان جي اڳيان هوندو، اسان انهن تي ڳالهائينداسين ، اسان انهن کي ئي ڳالهائينداسين. هي گناهگار آهن. پاڪستان کي هلائڻ وارو صرف آمريڪا آهي، وڌيڪ انهن ۾ ايتري همت ناهي جو اسان بلوچن تي حڪمراني ڪري سگهن.

عبرت: بلوچستان ۾ انگريزن جي حڪمراني رهي ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق محسوس ڪريو پيا؟

نواب خير بخش مري: (ڪجهه دير خاموش رهندي) ها! ڪنهن حد تائين هو، انگريزن جي غلامي اسان لاءِ ابتدا واري هئي ۽ هي پاڪستان ۽ آمريڪا جي غلامي ابتدا واري ناهي. ان ۾ اسان کي گهڻو نقصان ٿيو آهي.

عبرت: ابتدا مان ڇا مراد آهي؟

نواب خير بخش مري: انگريزن (غلامي جو) بنياد وڌو، پر پنجابين اسان کي خون جي ندي ۾ وهنجاريو ۽ غلام رکيو آهي. اسان اهڙين حالتن ۾ ڇا ڪنداسين؟ ظاهر آهي اسان به جواب ڏينداسين ۽ هي مان ٻيهر چوان ٿو ته پنجابي آمريت جا sub ordinate آهن ۽ آمريڪن کي اسان سان ڳالهائڻو پوندو.

عبرت: ڇا بلوچستان جا سردار پنهنجي Historical consciousness مان ڪجهه سکيا آهن؟

نواب خير بخش مري: (هلڪي مسڪراهٽ ڏيندي) ها! سکي رهيا آهن، پر ڪجهه آهن جيڪي بي ايمان آهن. جن کي هينئر به اميد آهي ته هي انهن کي ڪجهه ڏيندا. هاڻي بلوچستان جو حل پيڪيجز ۾ ناهي، اسان اڳتي نڪري چڪا آهيون. هي پيڪيجز اسان کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ آهن.

عبرت: ڇا توهان (انهن) مطلب جن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، نالو کڻندا؟

نواب خير بخش مري: (چڙندي) هي رئيساڻي، مگسي ڪجهه بگٽي ۽ ها! ڪجهه مري قبيلي جا ماڻهو به آهن. جن کي پئسي جي لالچ ڏني پئي وڃي. ڇاڪاڻ جو انهن جي علائقي مان ڪوئلو نڪتو آهي. ان سان گڏوگڏ انهن ريسرچ به ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ ڪيترا معدني وسيلا آهن، انهن کي تيل به مليو آهي. پر اهي ظاهر ناهن ڪري رهيا. اسان جي مسئلي جو حل هي روڊ، رستا ۽ پيڪيجز ناهن.

عبرت: ڪيبينيٽ پلان انگريزن جيڪو ڏنو ، ان ۾ قلات اسٽيٽ کي آزاد قرار ڏنو ويو ۽ جناح صاحب به ان جي آزاديءَ تي راضپو ڏيکاريو، پر پوءِ اسان ڏسون ٿا ته قلات کي زبردستي پاڪستان شامل ڪيو ويو. اهڙي رويي کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: در حقيقت هو عالمي قوتن جو دوست هو.

عبرت: پر ماڻهو چون ٿا ته هو اصولن وارو ماڻهو هو.

نواب خير بخش مري: (تعجب کائيندي) ڪير پيو چوي؟ جيڪڏهن هن هو اصولن وارو ماڻهو هو ته پوءِ هو ئي خان آف قلات ۽ قلات اسٽيٽ جو وڪيل رهيو هو. هو (جناح) double رول رکندڙ هو. اها انگريزن ۽ آمريڪن جي حڪمت عملي هئي ته بلوچستان کي زبردستي شامل ڪيو وڃي.

عبرت: توهان جو ڇا خيال آهي ته پاڪستان کان اڳ بلوچ قبيلا هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا ۽ ان وقت انهن جي ڪمٽمينٽ پنهنجي قبيلي ڏانهن هئي، پر پاڪستان کانپوءِ انهن جي ڪمنٽمينٽ بلوچستان ڏانهن ٿي وئي آهي؟

نواب خير بخش مري: اسان جا وڏا پهرين به وڙهيا هئا ۽ انهن بلوچستان جو دفاع ڪيو پر ها! توهان ڪنهن حد تائين صحيح آهي.

عبرت: بلوچستان ۾ 1949، 1948، 1962، 1973ع ۾ هلندڙ آپريشن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ انهن مان سڀ کان بدترين ڪهڙي آهي؟

نواب خير بخش مري: جڏهن جڏهن انهن اسان تي حملو ڪيو آهي، اسان جي طرفان انهن کي سخت جواب ملندو رهيو آهي. اسان انهن سان وڙهندا رهنداسين. شايد اسان ايترا هينئر به متحد نه هجون، پر اسان عوام جي سطح تي گهڻا متحد آهيون. اسان وڙهڻ لاءِ بيهڻو پوندو، ماضي ۾ اسان ايترا متحد نه هياسين، پهرين ڪوئٽيا لاءِ سوچيو ويندو هو ته اتي ڪير به وڙهي نه ٿو سگهي، پر هاڻي ڏسو توهان کي اتي به ويڙهاڪ ڏسڻ ۾ ايندا. (کلندي) مطلب بلوچستان هاڻي تبديل ٿي رهيو آهي. اسان جا ٻار پنهنجي والدين کان رانديڪا نه پر هٿيار گهري رهيا آهن، هي وڏي تبديلي آهي ۽ اسان پهرين کان گهڻا متحد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسان ان حيثيت ۾ ناهيون جيئن پهرين هياسين، موجوده حيثيت اسان جي تبديل ٿي وئي آهي.

عبرت: ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

نواب خير بخش مري: (طنزيه مسڪراهٽ ڏيندي) چيو ته مان توهان کي ڇا چوان؟ هو قومپرست نه هو پر هو جمهوري، اسلامي سوشلسٽ ۽ ميڪا ولي هو. (ڪجهه وقت خاموش رهندي) هو بس ميڪا ولي هو.

عبرت: اسان هي نه ٿا چئي سگهون ته توهان کي ٻاهريان سپورٽ ملي رهي آهي يا نه، پر هڪ تحريڪ رياست سان مقابلو ڪيئن ڪري سگهندي؟ جنهن کي ٻاهريان سپورٽ حاصل نه هجي. توهان ڏسو، فلسطين، ڪشمرين کي ٻاهريان سپورٽ ملي رهي آهي ۽ ايستائين جو مائوسٽن کي به انڊيا جو پڙهيو لکيو طبقو سپورٽ ڪري رهيو آهي. توهان کي ڪير پيو سپورٽ ڪري؟ هتي توهان جي ميڊيا ۾ خبر به نه ٿي هلي سگهي؟

نواب خير بخش مري: اسان کي ايئن سپورٽ ناهي ملي رهي جيئن ملڻ گهرجي، پر اسان جي لاءِ حوصلا افزائي ئي گهڻي سپورٽ آهي ۽ توهان کي ڪهڙي خبر گوريلا وار ۾ گهڻي طاقت هوندي آهي. چي گويرا سان گڏ ڪيتريون رياستون هيون. اسان جا ماڻهو هاڻي گهڻا trained ٿي ويا آهن. انهن ڊگهيون جنگيون ڪيون آهن. ٻاهرين ملڪن ۾ جتي جتي بلوچي رهن ٿا اهي آواز اٿاري رهيا آهن. اها اسان لاءِ وڏي سپورٽ آهي. (کلندي) ٻاهرين ملڪ ۾ هاڻي بلوچي ۽ سنڌي گڏ جي آواز اٿاري رهيا آهن. مان توهان کي مثال ٿو ٻڌايان ته هڪ نوجوان کي شادي ڪرڻي هئي ۽ سندس مڱ جي ماءُ راضي نه هئي پوءِ ان جي ماءُ هڪ شرط رکيو ته سڄي رات تنهنجي مٿان ٿڌو پاڻي هاريو ويندو ۽ جي تون بچي وئين ته پوءِ تون شادي ڪري سگهين ٿو. ان وقت سردي گهڻي هئي. پر اهو ڇوڪرو بچي ويو. آخر ۾ خبر پئي ته ڇوڪري جي ڪمري ۾ بتي سڄي رات ٻري رهي هئي ۽ ان سپورٽ ان جي اندر جذبو پيدا ڪيو، جو اهو بچي ويو. اسان لاءِ به ايتري ئي سپورٽ ڪافي آهي. رهيو سوال ته انڊيا اسان کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. مان نه ٿو سمجهان ته ننڍڙي سپورٽ کي مان سپورٽ چوان. انڊيا وٽ ايئر پاور آهي. اسان کي هو ان ۾ ته سپورٽ نه پيو ڪري. پوءِ ڪهڙي سپورٽ ڪري رهيو آهي؟ اهي ڳالهه هٿيارن جي ته اها ڪٿان پيا اچن؟ ماضي ۾ روس، افغان جنگ دوران گهڻا هٿيار رهجي ويا ۽ هاڻي مارڪيٽ اندر هٿيار ملڻ وڏي ڳالهه ناهي. گوريلا جنگ ذريعي افغانين، روس کي هارايو هو.

عبرت: پر افغان جنگ ۾ وري به سپورٽ آمريڪن ڪئي هئي.

نواب خير بخش مري: (کلندي) ها! بلڪل، پر گوريلا جنگ جو هٿيار گهڻو مضبوط آهي. توهان ڏسو انهن اسان جا ماڻهو اغوا ڪيا آهن. اهي چون ٿا ته ڪجهه سئو آهن پر مان چوان ٿو ته اهي هزارن ۾ آهن. جن کي قتل ڪيو ويو آهي، جيڪي هينئر زندهه به ناهن.

عبرت: missing people تي سپريم ڪورٽ قدم کنيو آهي. ڇا توهان سمجهو ٿا ته اهي ان تي عمل ڪرائي سگهن؟

نواب خير بخش مري: پهرين ڳالهه ته سپريم ڪورٽ ان مسئلي کي اهميت ڪيتري ڏئي پئي؟ ۽ ان وٽ ايترو پاور ناهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائين. هن ملڪ اندر جمهوريت ۽ عدليه آهي ئي نه، ته پوءِ اهي اسان کي ڪيئن انصاف ڏيندا؟

عبرت: توهان جي خيال ۾ تحريڪ ۾ وڌيڪ اهم ڪردار ڪهڙي پاسي جو آهي؟

نواب خير بخش مري: تحريڪ ۾ فڪر، نظريا ۽ هٿيارن سان ويڙهه اهم ڪردار نڀائيندي آهي. ان کان وڌيڪ اسان جو پنهنجو جذبو، اهم ڪردار نڀائيندو آهي. آجپي لاءِ هر بلوچ کي هٿيار کڻي ويڙهه ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ سوشل ازم واري پاسي کي به جاچڻ گهرجي. جنهن جي ذريعي هڪ برابري وارو سماج حاصل ٿي سگهجي ٿو.

عبرت: توهان فڪر، نظريي جي ڳالهه ڪئي ۽ ان لاءِ ته تعليم ضروري آهي. جيڪا بلوچستان ۾ گهٽ آهي..

نواب خير بخش مري: توهان جي نظر ۾ تعليم ڇا آهي؟ گوريلا ويڙهه به ته تعليم آهي. توهان ڪجهه دير پهرين

Consciousness جي ڳالهه ڪئي ۽ اسان کي ان جي حوالي سان چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان جو ماڻهو باشعور آهي. هي ضروري ناهي ته اسان هنن ادارن مان تعليم حاصل ڪريون جتي اصل تعليم ناهي. پڙهيو لکيو طبقو ته توهان جي عدليه ۾ به آهي. پر ڇا انهن جو دماغ لينن جهڙو آهي؟ لينن به ته وڪيل هو. ڇا توهان موجوده وڪيلن کي پڙهيو لکيو چوندو؟ تعليم توهان جو پنهنجي اندر جو جذبو آهي ۽ هٿياربند ويڙهه ئي وڏي تعليم آهي.

عبرت: ويجهڙائي ۾ خان آف قلات، عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي آهي ته اسان کي بلوچستان لاءِ عدم تشدد جي راهه اختيار ڪرڻ گهرجي.

نواب خير بخش مري: (منهن ۾ گهنج آڻيندي) هو ننڍڙي دماغ جو ماڻهو آهي ۽ هو commodity آهي.

عبرت: commodity مان ڇا مراد سمجهجي؟

نواب خير بخش مري: هي جنس آهي جنهن کي مارڪيٽ ۾ صرف پئسو گهرجي.

عبرت: خان آف قلات کان بي بي سي سوال ڪيو هو ته ڇا اهي پنهنجي الڳ رياست جو مطالبو ڪندا؟ ان دوران خان آف قلات انڪار ڪيو ته هو اهڙو ڪوبه مطالبو نه ڪندا. نواب نواب خيربخش مريڇا توهان کي ايئن نه ٿو محسوس ٿئي ته شايد هو بلوچستان کي ايئن سردار ن ۾ ورهائين جيئن انگريزن برصغير سان ڪيو.

نواب خير بخش مري: (خاموـش رهڻ کانپوءِ زمين کي گهوري ڏٺو) هن چيو ته ڏس! هو fifth column کي ضرور استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اسان سمجهي رهيا آهيون. قلات ئي ته صرف بلوچستان ناهي ۽ هاڻي هو بلوچستان کي ورهائي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ جو عام ماڻهو ان جي خلاف ويڙهه ڪندو. اهو آسان ناهي.

عبرت: هير بيار مري چيو آهي ته آرمي مون سان سڌو ڳالهائي، توهان ان کي ڪيئن يا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: (تعجب ڪندي) مون کي ان جي ڪابه خبر ڪانهي ته اهي ڇا چئي رهيا آهن. (ان دوران نواب خيربخش مري جي ويجهي ساٿيءَ تصديق ڪندي چيو ته ان اها غلط خبر آهي ۽ بي بي سي معذرت به گهري هئي).

نواب خير بخش مري: مان توهان چيو نه ته اهي fifth column استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عبرت: موجوده حالتن کي مد نظر رکندي، جيئن افغانستان پنهنجن مسئلن ۾ گهيريل آهي اهو سپورٽ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ۽ ايران جو مزاج تبديل ٿي رهيو آهي. ڇا ايندڙ وقت ۾ ايران، بلوچستان کي سپورٽ ڪري سگهي ٿو؟

نواب خير بخش مري: (کلندي) ايران اسان جي سپورٽ نه ٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ جو هو اسان جو شروع کان دشمن رهيو آهي. افغانستان جي حوالي سان صرف ايترو ئي چوندس ته هو اسان جو ايڪٽو دشمن ناهي پر گهرو دوست به ناهي. افغانستان سان اسان جي روايتي Traditional دوستي آهي ڇو جو منهنجو ڏاڏو انهن ڏانهن ويو هو ۽ مان به انهن ڏانهن ويو هئس. اتي جلاوطني دوران توهان کي اجازت ناهي هوندي ته توهان ڪيڏانهن وڃي به سگهو. توهان انهن جي طاقت هيٺ هوندا آهيو، اهي ايترا سوشل ازم ڏانهن ايماندار نه هيا پر ان جي باوجود به انهن روايتي دوستي اسان سان نڀائي آهي. اسان کي انهي مان ڪا وڏي اميد ناهي. ايران ته اسان کي ئي ختم ڪرڻ چاهي پيو.

عبرت: پاڪستاني پارليامينٽ کي ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: هي پارليامينٽ آهي جتي توهان ڪنهن لاءِ نه ڳالهائي سگهو. هتي توهان ووٽ ڏئي سگهو ٿا پر ووٽ وٺڻ لاءِ بيهي نه ٿا سگهو. هي ڪهڙو سسٽم آهي سڄو ڊرامو آهي. عام ماڻهو جي حيثيت غلام جهڙي آهي. اسان کي اهڙو نظام گهرجي جتي سڀ ڪجهه برابر هجي ۽ هڪ سوشل ازم آهي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق محسوس ڪرائي ٿو.

عبرت: پاڪستان جو مستقبل ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: پاڪستان جو مستقبل اونداهو آهي.

عبرت: 70ع کانپوءِ پاڪستان گهڻو ڪمزور ٿي ويو، توهان ان وقت بلوچستان جي حقن جي ڳالهه نه ڪئي ۽ توهان 70ع ۾ آئين جو ساٿ ڏنو.

نواب خير بخش مري: ان وقت اسان ۾ سياسي سمجهه جي گهٽتائي هئي ۽ حالتون به اهڙيون نه هيون. ان سان گڏوگڏ اسان يونائيٽيڊ به نه هياسين. هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪو آهيون. حق گهرندڙن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. اهي اسان کي گوادر پورٽ جي ذريعي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيا آهن.

عبرت: سنڌ جي حالتن کي ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌين غلامي ڇا لاءِ قبول ڪئي آهي؟ انهن کي اهڙي جمهوريت مان ڇا ملندو؟ هڪ پٽيوالي جي نوڪري ملڻ لاءِ اهي خاموش آهن. اهي اٿن ڇو نه پيا؟

عبرت: جي ايم سيد صاحب بابت ڪجهه چوندو؟

نواب خير بخش مري: نو ڪمينٽ!

عبرت: ايم ڪيو ايم کي ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: توهان کي ايم ڪيو ايم ڏنو ڇا آهي؟ جو توهان انهن کي ڀاڪر پاتا آهن. هي هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو نه توهان کي علاج ڪرڻ ڏيندو ۽ نه پاڻ ڇٽندو. (ناراض ٿيندي) اسان هڪ دفعو چيوسين ته اسان ڪراچي جي سنڀال ڪنداسين، ان وقت اسان تي سخت ڳالهايو ويو. اسان اهو جملو هڪ رد عمل ۾ ته جيڪڏهن توهان سنڌي حفاظت نه ڪندا ته اسان ڪنداسين. مون کي سنڌي ٻڌائين ته مان ڪٿي توهان سان جرڳو ڪيان؟ آخر توهان ڪهڙي مسيحا جو انتظار پيا ڪريو.

عبرت: توهان جي راءِ جنرل ضياءَ بابت ڪيئن آهي؟ ان سڀني بلوچن کي آزاد ڪيو.

نواب خير بخش مري: توهان جو مطلب ڇا آهي؟ هو هڪ آمر هو ۽ جن کي هن آزاد ڪيو اهي قومپرست نه هئا.

عبرت: توهان جي خيال ۾ عالمي قوتن کي جبلن ۾ وڙهندڙ هارائي سگهندا؟

نواب خير بخش مري: توهان ڏسو! قومپرستي ناهي ڏسندي ته توهان ڪيئن پيا وڙهو؟ اسان وٽ جذبو آهي ۽ گوريلا تعليم آهي. هڪ ڏينهن عالمي قوتون اسان سان سڌو ڳالهائينديون. جڏهن اهي ڏسندا ته هي ويڙهه بند ئي نه ٿا ڪن ته پوءِ انهن جون ضرورتون انهن کي اسان وٺي اينديون. بلوچ هاڻي صرف ويڙهه ڪندا، پوءِ ڀل اهي ختم ٿي وڃن. پاڪستان جون نوڪريون اسان کي هارائي نه ٿيون سگهن.

عبرت: توهان جلاوطن رهيا ۽ هينئر به محسوس ٿيندو آهي ته توهان جلاوطن آهيو؟

نواب خير بخش مري: بلڪل! مان جلاوطن آهيان. مون کي سڪون تڏهن ملندو جڏهن مان آزاد ٿيس ۽ آزادي اسان پوري دنيا لاءِ ڏسي رهيا آهيون. جتي هر انسان آزاد هجي. بلوچ وڌيڪ غلامي ۾ نه رهندا. جيڪڏهن اسان نه وڙهيا سين ته پوءِ اسان اقليت ۾ ٿي وينداسين.

عبرت: ذوالفقار علي ڀٽي سرداري نظام ختم ڪيو ان تي ڇا خيال آهي؟

نواب خير بخش مري: هو پاڻ وڏيرو هو ۽ نپولين کي پسند پئي ڪيو. (نواب خيربخش مريسوال ڪندي) ڇا نپولين بهتر ماڻهو هو؟ ان سرداري نظام صرف سوشل ازم جي ڊرامي رچائڻ لاءِ ڪيو هو.

عبرت: پاڪستان ۾ هڪ خاندان خاص طور ڀٽي خاندان کي قتل ڪيو ويو. ان دوران مير مرتضيَ قتل جو الزام بينظير ڀٽو تي هنيو ويو. ان سڄي خوني راند کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: ان ۾ شڪ ناهي ته انهن هن خاندان کي قتل ڪيو ۽ اسٽيبلشمينٽ مير مرتضيٰ کي مارائڻ چاهي پئي. مان يقين سان نه ٿو چئي سگهان پر مون شڪ آهي ته بينظير ڀٽو کي خبر هئي ته مير مرتضيَ قتل ڪيو ويندو. انهن شايد هن کي چيو هجي ته تون بس خاموش رهه ۽ هوءَ ڇا ڪري سگهي ها. مون سان ملڻ آئي هئي مون چاهيو ته هن کان پڇا ڪيان ته آخر توکي Revenge وٺڻ جو خيال نه آيو. پر مان نه پڇي سگهيس هوءَ ڏکايل هئي ۽ ان وقت اسان وٽ وقت به نه هو ته مان پڇي سگهان. مير مرتضيٰ سان به مان افغانستان ۾ مليس اهو ملڻ اتفاقي هو جو هي منهنجي پٽ گزين سان آيو هو. مون ان وقت سوال ڪيو ته مير مون کي ٻڌائي توهان جي پيپلز پارٽي مان ڪهڙي مراد آهي؟ ڇا ڪجهه ماڻهو قوم يعني سنڌ جي حوالي سان، ان هلڪي مسڪراهٽ ڏيندي چيو ته پيپلز يعني پيپلز … بس مان ان مان بحث نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو مان ماحول خراب نه پئي ڪرڻ چاهيو.

عبرت: توهان نواب خيربخش مريکي ڪيئن پيا ڏسو؟

نواب خير بخش مري: (معصوميت سان کلندي) مان فخر جي لحاظ سان گهڻو مضبوط آهيان، پر جسماني طور ڪمزور ٿي چڪو آهيان. مان وڙهي نه ٿو سگهان، پر مون ۾ جذبو گهڻو آهي.

عبرت: توهان ڪهڙي نظريي جي سپورٽ ڪندا آهيو؟

نواب خير بخش مري: مان ان جي سپورٽ ڪريان پيو، جيڪو مشهور ناهي ۽ ان ۾ هر هڪ برابر هوندو آهي. ڪنهن جو به حق ماريو نه ويندو آهي.

عبرت: ان نظريي جو نالو ڇا آهي؟

نواب خير بخش مري: (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي خبر ناهي.

عبرت: اسان ان کي ڇا سمجهون؟

نواب خير بخش مري: مان نالو کڻندس ته توهان لکي نه سگهندئو.

عبرت: توهان ٻڌايو؟

نواب خير بخش مري: سوشل ازم.

عبرت: بالاچ مري ڪٿي آهي؟

نواب خير بخش مري: (خوشيءَ ۾ مسڪرائيندي) هو بلوچستان جي جبلن ۾ آهي.

عبرت: بالاچ جي شهادت ٿي آهي يا نه؟ ڇاڪاڻ جو توهان هُن جي تعزيت وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.

نواب خير بخش مري: (پاڻ ڳوڙها ڳاڙي ويٺو۽ جهٽ گهڙيءَ لاءِ خاموش ٿي وئي ) اسان ڏانهن ڏسندي آهستي آواز ۾ چيو، ته بالاچ هڪ تحريڪ آهي ۽ هو منهنجي لاءِ زندهه آهي. ڪجهه ماڻهو مذهبي راءِ کان چون ٿا ته شهيد نه مرندا آهن. مون سان بلوچي ملندي چوندا آهن، ته اسان جي گهرن ۾ بالاچ مري جون تصويرون آهن. ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته بالاچ شهيد آهي؟

عبرت: سنڌ ۾ به بالاچ کي پيار ڪيو ويندو آهي.

نواب خير بخش مري: اها بلوچن ۽ توهان جي مهرباني آهي جو توهان ايتري عزت ڏني آهي. بالاچ گهڻو باشعور هو. پر هو آمريڪن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڏکيو پئجي رهيو هو، جنهن کي ان کي رستي تان هٽايو ويو. بالاچ ڪڏهن به نه ٿڪو، جيڪو سفر اسان گاڏين تي ڪندا آهيون اهو هو گهمي ڪندو هو، پر ٿڪندو نه هو. بالاچ سردار جو اولاد ضرور هو پر ان جو مزاج سرداري وارو نه هو، پر جتي ٻين جو اولاد شهيد ٿيو آهي اهي به اسان لاءِ بالاچ آهن. مان نالا نه ٿو کڻي سگهان، جيڪي شهيد ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو پوڙهو ٿي چڪو آهيان. پر اهي سڀئي مون جي لاءِ بالاچ جيان آهن. مون کي فخر آهي ته مون جو بالاچ پٽ هو. مان ان جو نالو بلوچستان جي هڪ بهادر ڪردار تان رکيو هو. بالاچ جهڙن جي شهادت جو رنگ هي آهي ته هاڻي بلوچستان ۾ عورتون به آزاديءَ جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن.

عبرت: بلوچستان جي تحريڪ ڪيستائين هلندي؟

نواب خير بخش مري: جيستائين آزادي حاصل نه ٿي ٿئي هي تحريڪ هلندي رهندي. مون کي خبر ناهي ان جو ڪيترو وقت مقرر ٿيل آهي.

عبرت: ڇا جبل ۾ ناراض نوجوان پنهنجي ناراضگي ختم ڪندا؟

نواب خير بخش مري: (غصي ۾) مان انهن جو spokes person ناهيان.

عبرت: ڇا توهان ڳالهين جي ڪا گنجائش رکو ٿا؟

نواب خير بخش مري: ڪو به باشعور ماڻهو يا بلوچ انهن ڪوڙن سان نه ڳالهائيندو. مان ته بلڪل به نه ڳالهائيندس. باقي جن کي شوق آهي ڪوڙن سان ڳالهائڻ جي وڃي ڳالهيون ڪن. اسان جنگ نه چاهي هئي پر اسان کي قتل ڪيو ويو. اهي خوني ندي ۽ لاشن جي ذريعي ڇا ٿا توقع ڪن. اسان وٽ انصاف ناهي. اسان کي اهڙو نظام گهرجي جتي سڀ برابر هجي.

عبرت: جنرل مشرف چيو ته هي 70 جو دور ناهي پر توهان جي جنگ جو انداز ساڳيو ئي هو.

نواب خير بخش مري: گوريلا وار جو سسٽم ساڳيو آهي، پر جنرل مشرف ياد رکي ته اسان به 70 وارا بلوچ ناهيون.

عبرت: مستقبل ۾ بلوچستان کي ڪهڙي نظام تحت ڏسو ٿا؟

نواب خير بخش مري: اسان وٽ روايتي سسٽم ضرور آهي. اهو آهستي آهستي تبديل ٿيندو. جيڪي ويڙهه ڪري رهيا آهن، ظاهر آهي اهي بلوچستان کي سرداري نظام ۾ نه رکندا. اهي ڏاها بلوچ آهن جتي هر هڪ جي برابري هوندي.

عبرت: زندگي جي فلاسافي ڇا آهي؟

نواب خير بخش مري: زندگي صرف عيش و آرام ڪرڻ ناهي، زندگي هڪ اهڙي نظام تي هجڻ گهرجي جتي انسانيت جي آزادي ۽ برابر نظام هجي. منهنجي لاءِ زندگي صرف آزادي آهي.

عبرت: توهان بلوچين کي ڪو پيغام ڏيندو؟

نواب خير بخش مري: سڄي زندگي پيغام ڏنا آهن. بس ايترو چوندس، ڪڏهن به هٿيار کي زمين تي ڦٽو نه ڪريو ۽ نه هار قبول ڪريو آزادي جي لاءِ ويڙهه ڪندا رهو. بلوچين لاءِ چوندس ته ڏينهن جو عام ماڻهو ٿي رهو ۽ رات جو شينهن جيان گجگوڙ ڪريو.

عبرت: توهان ڪتاب لکڻ جو ارادو رکو ٿا؟

نواب خير بخش مري: گهڻي ڪوشس ڪئي اهي پر سست آهيان ۽ هاڻي لکڻ جي پوزيشن ۾ ناهيان، پر هاڻي لکڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.

عبرت: توهان جي وقت ڏيڻ جي مهرباني؟

خير بخش مري: ايئن نه چئو.

1 Comment

Filed under Interviews and Articles

One response to “بلوچستان مسئلي جو حل پئڪيجز ۾ نه آهي، اسان هاڻي اڳتي نڪري چڪا آهيون: نواب خير بخش مري

  1. Waja Khair Bux Marri Saaeen, needs no intriduction, because he has been along with some of his wonderful colleagues like, the Late Saaeen Akber Bugti, Saaeen Ataullah Mengal and countless other valiant soldiers of Balochistan, the SOUL of Balochistan. And, when this ‘soul’ ticks the entire Baloch Nation starts to breathe! We salute you Saaeen for your bravado and truthfulness. Certainly, that day is not very far when your great nation will be FREE from the yoke of slavery and ignominy and liberation from fetters of servitude and servility. We the people of Sindh are with you – all the way to Freedom and Liberation! Long Live Balochistan! Long Live Sindh!

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s